بروو سنڌي

بروو سنڌي (سنڌي راڳ ):راڳداريءَ جي ڪتابن ۾ هي سر شامل آهي، پر بروو سنڌي جدا راڳ آهي. رات جي وقت ڳائجي ٿو. ڪافي ٺاٺ مان اصل ڪلاسيڪي راڳ نڪتل آهي. هتي سنڌ ۾ ان کي ٿوري ڦير گير سان ڳاتو وڃي ٿو. لطيف سائين جو هڪ سُر هن راڳڻيءَ پويان رسالي ۾ موجود آهي. هي اوڍو سمپورن راڳڻي آهي. آروهي ۾ گنڌار ورجت آهي .
هن راڳڻيءَ جي آروهي، ساري ما پا ڌاني سا ۽ امروهي، ساني ڌا پا ڌا ما گا ري سا آهي .


لفظ بروو سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو